رانڪ ميان خداداد خان ڪلهوڙو

رانـڪ مـيـان خـداداد خان ڪلهوڙو (ماڳ): هن رانڪ ۾ مـيان نور محمد ڪلهوڙي جو فرزند ميان خداداد خان ڪلهوڙو دفن آهي. ماڳ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو آهي. هيءَ رانڪ ميان نور محمد جي قبن واري هنڌ، محمدآباد، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي بينظيرآباد) ۾ واقع آهي. ميان خداد خان ڪلهوڙو ميان نور محمد جو ٽيون پٽ هو، جنهن جي قلات جي حاڪم عبدالله بروهيءَ جي نياڻيءَ سان شادي ٿيل هئي. ميان مرادياب خان جي ايران ۾ هئڻ واري عرصي دوران هي ولي عهد رهيو هو. مرادياب خان جي ايران مان واپس اچڻ تي کيس ولي عهديءَ تان معزول ڪيو ويو هو، جنهن تان ڪاوڙجي هندستان ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس لاش ڏيهه آڻائي هن هنڌ تي دفن ڪيو ويو. سندس مدفن ’ميان خداداد خان جي رانڪ‘ سڏجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو